بالي ووڊ ۾ ڊان 3 جو تڪرار هاڻي وڏي صنعتي بحران ۾ تبديل ٿي ويو آهي، فيڊريشن آف ويسٽرن انڊيا سني ايمپلائيز (FWICE) اداڪار رنوير سنگهه تي فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. وفاق هڪ پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته جيستائين رنوير سنگهه ڊائريڪٽر فرحان اختر سان 45 ڪروڙ رپين جي مبينا نقصان جو ازالو نه ڪندو، ڪو به پروڊڪشن هائوس ساڻس گڏ ڪم نه ڪندو. تڪرار ان وقت شروع ٿيو جڏهن فرحان اختر جي ڪمپني ايڪسل انٽرٽينمينٽ الزام لڳايو ته رنوير سنگهه ٽن فلمن جي ڊيل تي صحيح ڪرڻ باوجود آخري وقت تي ڊان 3 مان واڪ آئوٽ ڪيو. پروڊيوسر مطالبو ڪيو ته رنوير سنگهه اڳواٽ پروڊڪشن جا سمورا خرچ برداشت ڪري، پر وفاق جي ثالثي جون ڪوششون ناڪام ويون. رنوير سنگهه جو چوڻ هو ته معاملي کي ’مناسب قانوني فورم‘ ۾ حل ڪيو وڃي. وفاق پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلم انڊسٽري هڪ گڏيل خاندان وانگر آهي، جتي اوچتو علحدگي سڄي نظام کي متاثر ڪري ٿي، ان ڪري اهڙن روين کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. چيف ايڊوائيزر اشوڪ پنڊت اهو به واضح ڪيو ته مستقبل ۾ اهڙن معاملن تي سخت قدم کنيا ويندا. پابندي جي اعلان کانپوءِ رنوير سنگهه به ردعمل ڏنو آهي، جنهن ۾ هن فلم انڊسٽري ۽ ڊان فرنچائز سان لاڳاپيل سمورن ماڻهن جي عزت ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. سندس ترجمان موجب رنوير سنگهه ڊان 3 جي تڪرار دوران ڄاڻي واڻي خاموش رهيو ڇو ته سندس خيال آهي ته پيشه ورانه معاملا وقار ۽ گڏيل احترام سان حل ٿيڻ گهرجن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته مختلف اندازن جي باوجود اداڪار عوام کي جواب ڏيڻ ڪڏهن به مناسب نه سمجهيو ۽ پنهنجي ايندڙ پروجيڪٽس تي مڪمل ڌيان ڏئي رهيو آهي. ٻئي طرف وفاق واضح ڪيو آهي ته رنوير سنگهه ڪيترن ئي نوٽيسن باوجود تعاون نه ڪيو، جنهن بعد عدم تعاون جي هدايت جاري ڪئي وئي. تنظيم جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو سندن رويي ۽ پيشه ورانه اخلاق کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته شاهه رخ خان ان کان اڳ ڊان فرنچائز ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري چڪو آهي جڏهن ته رنوير سنگهه کي 2023 ۾ ڊان 3 لاءِ سائن ڪيو ويو هو پر بعد ۾ سندن الڳ ٿيڻ کانپوءِ معاملو وڌي ويو ۽ هاڻي اهو تڪرار انڊسٽري جي مختلف فورمن تائين پهچي ويو آهي.
Source link

رنوير سنگهه تي فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي، اداڪار رد عمل ڏنو
Leave a Comment Leave a Comment

