راولپنڊي:
مندرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ منڌر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب موٽرسائيڪل تي سوار ٻن جوابدارن اوچتو فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا.
واقعي بعد علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڪارروايون پڻ شروع ڪيون ويون آهن.


