نيويارڪ ۾ اسحاق ڊار ۽ چيني پرڏيهي وزير وچ ۾ ملاقات ٿي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


نيو يارڪ:

نيويارڪ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ چيني پرڏيهي وزير وانگ يي وچ ۾ ملاقات ٿي ملاقات ۾ خطي ۾ امن ۽ استحڪام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ٻنهي اڳواڻن خطي جي موجوده صورتحال ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي فروغ لاءِ پاڪستان جي جاري ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

چيني پرڏيهي وزير وانگ ي امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.

ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس وفد جي چين جي تازي ڪامياب دوري جو به ذڪر ڪيو ويو.

ٻنهي اڳواڻن سفارتي لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڊگهي دوستي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي نيويارڪ پهتو آهي. اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اوپن ڊيبيٽ ۾ شرڪت ڪئي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اجلاس 26 مئي تي چين جي صدارت هيٺ ”عالمي امن ۽ سلامتي جو قيام: گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جو تحفظ ۽ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار تي ٻڌل عالمي نظام جي استحڪام“ جي عنوان هيٺ منعقد ٿيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment