آمريڪي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ڪويت تي بيلسٽڪ ميزائل حملو ڪيو، جنهن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. آمريڪا به حملي کي جنگبندي جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏنو. آمريڪي سينٽر ڪام طرفان سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران ڪويت تي بيلسٽڪ ميزائل حملو ڪيو پر ڪويت جي فورسز بروقت ان کي تباهه ڪري ڇڏيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني حڪومت طرفان جنگبندي جي سنگين ڀڃڪڙي ڪلاڪ اڳ ڪئي وئي جڏهن ايراني فورسز پنج ڊرون حملا ڪيا جيڪي واضح طور تي هرمز جي ويجهو ۽ اندر خطرو هئا. آمريڪي فوجن سمورن ڊرونز کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو ۽ ايراني فورسز پاران بندر عباس ۾ ڪيرايل ڇهين ڊرون کي روڪيو ويو، يو ايس سينٽر ڪم چيو. يو ايس سينٽر ڪام چيو آهي ته آمريڪي فوجون ۽ خطي ۾ پارٽنر هوشيار رهندا آهن ۽ ايراني جارحيت خلاف پنهنجي فوج ۽ مفادن جي حفاظت لاءِ قدم کڻندا رهندا آهن. سعودي عرب پاران ڪويت تي ايراني ميزائل ۽ ڊرون حملن جي سخت مذمت ڪندي سعودي عرب ڪويت جي سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ لاءِ هر قدم جي حمايت جو عزم ورجايو. سعودي پرڏيهي وزارت موجب رياض ڪويت جي سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ لاءِ هر قدم جي حمايت جو عزم ورجايو ۽ چيو ته خطي جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جون ڪوششون ناقابل قبول آهن.
Source link

ڪويت تي ايران جو بيلسٽڪ ميزائل حملو، آمريڪا ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي
Leave a Comment Leave a Comment

