پاڪستان جو مشهور ’چاچا ڪرڪيٽ‘ هلندڙ سال ريٽائر ٿي ويندو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور ۽ پرجوش حامي ”چاچا ڪرڪيٽ“ هن سال ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

چاچا ڪرڪيٽ جي نالي سان مشهور 77 سالن جو عبدالجليل لاهور ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽيون ون ڊي ميچ آخري ڀيرو پنهنجي ملڪ ۾ ڏسندو.

چاچا پهريون ڀيرو 1968-69ع ۾ لاهور جي اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچ دوران ڪرڪيٽ کي ڏٺو.

بعد ۾ هو شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني ٽيم جي مسلسل سپورٽر طور مشهور ٿيو.

سائو لباس ۽ ٽوپي سندس نشاني بڻجي وئي، جڏهن ته هن 1999ع جي ورلڊ ڪپ دوران انگلينڊ ۾ پاڪستاني ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ بعد عالمي شهرت حاصل ڪئي.

عبدالجليل جو چوڻ هو ته هاڻي هو سيالڪوٽ ڀرسان هڪ ريسٽورنٽ ۽ ميوزيم قائم ڪرڻ چاهي ٿو جتي هو پنهنجي ڪرڪيٽ جون يادگار شيون رکي ڇڏيندو.

هن چيو ته هن پاڪستان جي 500 ميچن ۾ ٽيم کي حوصلا افزائي جو ٽارگيٽ پورو ڪيو آهي.

چاچا ڪرڪيٽ پاڪستان جي ڪيترن ئي تاريخي فتوحات جي شاهدي ڏني، جن ۾ 1986 ۾ جاويد ميانداد جي آخري بال تي ڇڪو ۽ 2017 جي چيمپئنز ٽرافي فائنل شامل آهن.

هوڏانهن گذريل ڪجهه سالن ۾ قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگيءَ تي به کيس مايوسي نظر آئي، پر پوءِ به اميد آهي ته پاڪستاني ٽيم ٻيهر ڪاميابيءَ جي راهه تي گامزن ٿيندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment