ٽيلر سوئفٽ جي ڪنسرٽ تي حملي جي سازش ڪندڙ نوجوان کي 15 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



آسٽريا جي هڪ عدالت آمريڪي پاپ اسٽار ٽيلر سوئفٽ جي ڪنسرٽ تي حملي جي رٿابندي ڪندڙ نوجوان کي 15 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. اهو ڪيس گذريل سال سڄي دنيا ۾ سنسني جو سبب بڻيو، ڇاڪاڻ ته اهو منصوبو ٽيلر سوئفٽ جي يورپي دوري دوران هڪ وڏي دهشتگرد حملي سان لاڳاپيل هو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 21 سالن جي آسٽريا جي شهري کي ٽيلر سوئفٽ جي ويانا ۾ 2024 جي ڪنسرٽ کان هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو. جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته جوابدار نه رڳو ڪنسرٽ تي حملي جي تياري ڪري رهيو هو پر هن پنهنجي هڪ ساٿي سان گڏ وچ اوڀر ۾ دهشتگرد ڪاررواين جي منصوبابندي جو به اعتراف ڪيو. رپورٽن مطابق جوابدار انتها پسند نظرين کان متاثر هو ۽ ڳجهي اطلاع ملڻ تي سيڪيورٽي ادارن فوري ڪارروائي ڪندي کيس حراست ۾ ورتو. ڪيس کانپوءِ ويانا ۾ ٽيلر سوئفٽ جي پيش ڪيل ڪنسرٽ جا سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا، جڏهن ته ٻيا ڪيترائي پروگرام به متاثر ٿيا. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جوابدار دهشتگرديءَ جي الزامن جو اعتراف ڪيو، جنهن بعد عدالت کيس 15 سال قيد جي سزا ٻڌائي. پراسيڪيوشن موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن بروقت ڪارروائي نه ڪئي وئي ته وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو. واضح رهي ته ٽيلر سوئفٽ جي گذريل سال يورپ ۾ ”ايريز ٽور“ دوران ڪيترائي ڀيرا سڪيورٽي خدشا سامهون آيا هئا. ورلڊ ميوزيڪل ٽور هڪ رڪارڊ ٽوڙي ڪاميابي هئي، پر حملي جي رٿابندي مداحن ۽ انتظاميا ٻنهي کي پريشان ڪيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment