پرڏيهي مٽاسٽا جي مجموعي ذخيرن ۾ گذريل هفتي دوران 58 ڪروڙ 80 لک ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جي ذخيرن ۾ 8 ڪروڙ ڊالرن جي گهٽتائي ٿي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب 22 مئي تي هفتي جي آخر ۾ پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن جي پوزيشن جي حوالي سان مجموعي ذخيرن جي ماليت 58 ڪروڙ 80 لک ڊالرن جي واڌ سان 22 ارب 64 ڪروڙ 65 لک ڊالرن جي سطح تي پهچي وئي آهي. انگن اکرن مان معلوم ٿيو ته گذريل هفتي دوران حڪومتي پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن جو قدر 66 ڪروڙ ڊالرن جي واڌ سان 17 ارب 14 ڪروڙ 70 لک ڊالر ٿي ويو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي هفتيوار انگن اکرن موجب ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 8 ڪروڙ ڊالرن جي گهٽتائي سان 5 ارب 49 ڪروڙ 90 لک ڊالر ٿي ويا آهن.
Source link

پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 58 ڪروڙ ڊالرن جو اضافو
Leave a Comment Leave a Comment

