برطانوي اخبار گارڊين دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان تجويز ڪيل ڊيل جو مسودو اسرائيل سميت پنهنجي اتحادين کي موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ آبنائے هرمز کولڻ، آمريڪي ناڪابندي ختم ڪرڻ ۽ منجمد ايراني اثاثن تائين پهچ ڏيڻ جهڙيون اهم شقون شامل آهن.
رپورٽ موجب مفاهمت جي تجويز ڪيل ياداشت ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته آبنائے هرمز کي 30 ڏينهن اندر جنگ کان اڳ واري سطح تي بحال ڪيو وڃي ته جيئن عالمي واپار ۽ تيل جي رسد معمول تي اچي سگهي.
برطانوي اخبار موجب ڊيل ۾ ايران کي ان جي منجمد اثاثن مان 12 بلين ڊالر تائين محدود رسائي ڏيڻ جي تجويز پڻ شامل آهي. اهي اثاثا مختلف پابندين جي ڪري ٻاهرين ملڪ منجمد ڪيا ويا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري سفارتي لاڳاپن دوران آبنائے هرمز، جنگ بندي، پابندين ۾ نرمي ۽ علائقائي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جهڙن معاملن تي اڳڀرائي ٿي آهي.
گارڊين موجب چين به تجويز ڪيل معاهدي ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته گڏيل قومن جي پليٽ فارم تان حتمي معاهدي جي منظوري ڏني وڃي ته جيئن ان کي عالمي قانوني حيثيت ڏني وڃي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪا پنهنجي اتحادين خاص طور تي اسرائيل ۽ خليجي رياستن سان معاهدي جي خصوصيتن تي صلاح مشورا ڪري رهيو آهي جڏهن ته حتمي منظوري ۽ دستخط جو مرحلو اڃا باقي آهي.
هن وقت تائين ان رپورٽ تي آمريڪا يا ايران طرفان ڪو به سرڪاري ردعمل سامهون نه آيو آهي.


