فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 683 ارب رپين جي گهٽتائي کانپوءِ ٽيڪس ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ ڇنڇر ۽ آچر تي آفيسون کليل رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايف بي آر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڇنڇر ۽ آچر تي ايف بي آر جون سموريون لاڳاپيل آفيسون کليل رهنديون، سمورن ايل ٽي اوز، ايم ٽي اوز، سي ٽي اوز ۽ آر ٽي اوز کي کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ايف بي آر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سموريون فيلڊ آفيسون 30 ۽ 31 مئي تي معمول موجب ڪم ڪنديون، آفيسون کليل رکڻ جو مقصد ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي.
Source link

683 ارب رپين جو ٽيڪس شارٽ فال، ايف بي آر اهم فيصلو ڪري ورتو
Leave a Comment Leave a Comment

