عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون جي اگهن ۾ وڏو اضافو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ٿيو.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن سون جي في اونس قيمت ۾ 47 ڊالرن جي واڌ سان نئين عالمي قيمت 4 هزار 68 ڊالر جي سطح تي پهچي وئي.

ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ جي اثر هيٺ مقامي ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ به 24 قيراط سون جو في تولو اگهه 4 هزار 700 رپين جي واڌ سان نئين اگهه کان 4 لک 29 هزار 236 رپين جي سطح تي پهچي ويو آهي.

اهڙي طرح مقامي سطح تي سون جي في 10 گرام جو اگهه به 4 هزار 29 رپيا وڌي 3 لک 68 هزار رپيا ٿي ويو.

ان کان علاوه ملڪ ۾ چاندي جو في تولو اگهه 219 رپيا وڌي 6 هزار 396 رپيا ۽ چاندي جي في 10 گرام جو اگهه به 188 رپيا وڌي 5 هزار 483 رپيا ٿي ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment