وومينز ٽي ٽوئنٽي سيريز: پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان وومينز ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي ڇڏي.

ڊبلن ۾ کيڏيل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسون ٺاهيون.

جينيلا گلاسگو 42، ڪپتان هيلي ميٿيوز 40 ۽ اسٽيفني ٽيلر 39 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان ناصرا سنڌو ۽ رامين شميم 2، 2 جڏهن ته ڊيانا بيگ هڪ وڪيٽ ورتي.

هدف جي تعاقب ۾ پاڪستاني ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنسون ٺاهيون.

عاليه رياض 37 رنسون، سائره جبين 30 رنسون، ڪپتان فاطمه ثنا 27 ۽ ارم جاويد 24 رنسون اسڪور ڪيون.

ويسٽ انڊيز طرفان شانيشا هيڪٽر ۽ چنيل هينري 2، 2 جڏهن ته جهزارا ڪليڪسٽن ۽ اشميني منير هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

پاڪستاني ٽيم پنهنجي ٻي ميچ سڀاڻي آئرلينڊ خلاف کيڏندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment