نيوزيلينڊ واحد ٽيسٽ ميچ ۾ آئرلينڊ کي اننگز ۽ 79 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
بيلفاسٽ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ميزبان آئرلينڊ ٽاس کٽي نيوزيلينڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
نيوزيلينڊ جون پهرين 4 وڪيٽون جلد ئي گرڻ کان پوءِ رچن رويندرا (121) ۽ ٽام بلنڊيل (186) 217 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي.
بعد ۾ ٽام بلنڊل ڊين فاڪس ڪرافٽ (98) سان گڏ 158 رنسن جي ٻي پارٽنرشپ ٺاهي ٽيم جي پوزيشن مضبوط ڪئي.
نيوزيلينڊ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 490 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي.
آئرلينڊ طرفان مارڪ ايڊيئر 3 وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.
آئرلينڊ جي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 179 رنسون ٺاهيون ۽ فالو آن جو شڪار ٿي وئي.
نيوزيلينڊ طرفان ناٿن سمٿ 6 وڪيٽون ورتيون.
آئرش ٽيم ٻي اننگز ۾ صرف 232 رنسون ٺاهي سگهي ۽ ان کي اننگز جي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
نيوزيلينڊ طرفان بليئر ٽڪنر 5 وڪيٽون ورتيون.


