جاپان ۾ جاري انڊر 18 هاڪي ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ ۾ ملائيشيا کي 3-2 تان شڪست ڏئي ڇڏي. ٻنهي ٽيمن سنسني خیز ميچ ۾ شاندار راند کيڏي، پر بهتر ڪارڪردگيءَ جي بدولت ملائيشيا فتح حاصل ڪري ورتي. پاڪستاني ٽيم ٽورنامينٽ ۾ پنهنجو ٽيون ميچ 3 جون تي بنگلاديش خلاف کيڏندي. گرين شرٽس ايونٽ جي افتتاحي ميچ ۾ چين کي 3-0 تان شڪست ڏئي فاتحانه شروعات ڪئي. واضح رهي ته انڊر 18 هاڪي ايشيا ڪپ جاپان ۾ جاري آهي، جنهن ۾ ايشيا جون بهترين جونيئر ٽيمون ٽائيٽل لاءِ آمهون سامهون آهن.
Source link

انڊر 18 هاڪي ايشيا ڪپ: پاڪستان ٻئي ميچ ۾ ملائيشيا کي شڪست ڏئي ڇڏي
Leave a Comment Leave a Comment

