ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 6 ۾ خيابان بدر شاهين ڪراس وٽ خوفناڪ ٽريفڪ حادثي جي سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي وئي آهي. حادثي ۾ ڊرائيور فوت، 3 عورتن ۽ پرڏيهي شهرين سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ايڪسپريس نيوز موجب آچر جي صبح درخشان ٿاڻي جي علائقي ڊفينس فيز 6 خيابان بدر شاهين ڪراس ۾ خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي وئي آهي. سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ تيز رفتار ڪاري رنگ جي گاڏي کي ٻي گاڏي سان ٽڪرائندي ڏٺو پيو وڃي، ذريعن موجب حادثو ٽريفڪ سگنل جي ڀڃڪڙي سبب پيش آيو آهي. حادثي جي نتيجي ۾ گاڏي جو ڊرائيور فوت ٿي ويو، حادثي ۾ 3 عورتن سميت 5 ڄڻا ۽ هڪ پرڏيهي شهري پڻ زخمي ٿي پيا.
Source link

ڪراچي؛ ڊفينس ۾ خوفناڪ ٽريفڪ حادثو، ڪار ڊرائيور فوت، سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي وئي
Leave a Comment Leave a Comment

