پاڪستاني شاگرد ۽ محقق سيد محمد ابوبڪر آمريڪا جي مشهور جارج ميسن يونيورسٽي مان سائنس ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ نمايان اعزاز حاصل ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪيو.
موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي صحافت جي موضوع تي تحقيق ڪندڙ سيد محمد ابوبڪر کي ”جو ويٽي اسپيشل ريڪگنيشن ان سائنس ڪميونيڪيشن ليڊرشپ“ ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي. آمريڪا جي رياست ورجينيا جي جارج ميسن يونيورسٽي ۾ منعقد تقريب دوران سيد محمد ابوبڪر کي هي ايوارڊ سائنس ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ شاندار تحقيقي خدمتن ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام ۾ شاندار تعليمي ڪارڪردگيءَ جي اعتراف ۾ ڏنو ويو.
يونيورسٽي جي ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪرس ڪلارڪ موجب، سيد محمد ابوبڪر کي موسمياتي تبديليءَ جي ڪميونيڪيشن ۽ ماحولياتي صحافت جي شعبي ۾ تمام گهڻي دلچسپي آهي ۽ هن وقت پاڪستاني صحافين کي موسمياتي تبديليءَ تي رپورٽنگ ۾ درپيش چيلينجز تي تحقيق ڪري رهيو آهي.
ايوارڊ وصول ڪرڻ تي سيد محمد ابوبڪر چيو ته ڏکڻ ايشيا ۽ هندو ڪش هماليه خطو موسمياتي تبديلين سبب سخت متاثر ٿي رهيو آهي، ان ڪري عوام کي درست ۽ بروقت معلومات فراهم ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته ميڊيا موسمياتي خطرن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ متاثر آبادي کي بروقت خبردار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
ابوبڪر 2024ع کان جارج ميسن يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي اسڪالر ۽ گريجوئيٽ ٽيچنگ اسسٽنٽ طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي، کيس ماضي ۾ ڪيترائي بين الاقوامي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن ۽ سندس لکڻيون مختلف قومي ۽ بين الاقوامي ميڊيا ۾ شايع ٿي چڪيون آهن.


