اسلام آباد:
گيسٽ هائوسز خلاف عدالتي حڪم باوجود سي ڊي اي ڪارروائي نه ڪرڻ خلاف درخواستگذارن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد آصف توهين عدالت جي درخواست تي چيئرمين سي ڊي اي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي چيئرمين سي ڊي اي، ڊي جي انفورسمينٽ سي ڊي اي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.
درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته گيسٽ هائوسز جي 13 جوابدارن جي درخواست عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. عدالت گيسٽ هائوسز خلاف انضباطي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو. عدالتي حڪم باوجود سي ڊي اي گيسٽ هائوسز جي درخواستگذار کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي تي چيئرمين سي ڊي اي ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. توهين عدالت ڪيس ۾ ماجد امين طرفان داخل ڪيل توهين عدالت جي درخواست ۾ ذوالفقار احمد ڀٽي عدالت ۾ پيش ٿيو.


