نتنياهو ٽرمپ جي بيان جي مذمت ڪندي لبنان ۾ حملا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


تل ابيب:

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي لبنان ۾ فوجي ڪارروائي بند ڪرڻ جي دعويٰ باوجود اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو واضح ڪيو آهي ته اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ پنهنجو اسٽريٽجڪ آپريشن جاري رکندي.

سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ نيتن ياهو چيو ته اسرائيل پنهنجي شهرين جي تحفظ تي سمجهوتو نه ڪندو.

هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته جيڪڏهن حزب الله اسرائيلي علائقن کي نشانو بڻائيندي رهي ته بيروت ۾ هدفن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ته اسرائيل پنهنجي سلامتي لاءِ خطرو سمجهي ٿو.

اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڏکڻ لبنان ۾ جاري فوجي سرگرميون اڳ کان طئي ٿيل منصوبي موجب اڳتي وڌنديون ۽ ان حوالي سان اسرائيل جي موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي.

ٻئي طرف آمريڪي صدر ٽرمپ ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته لبنان طرف فوجي اڳڀرائي روڪي وئي آهي ۽ مقرر فوجين کي واپس گهرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته اعليٰ سطحي رابطن کانپوءِ حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

ٽرمپ موجب ٻنهي ڌرين طئي ٿيل معاهدي تحت هڪ ٻئي تي حملا ڪرڻ کان پاسو ڪندا پر نيتن ياهو جي تازي بيان خطي ۾ جنگ بندي جي مستقبل ۽ حيثيت بابت نوان سوال اٿاريا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment