وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پارليامينٽ لاجز جي توسيع ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي خاندانن لاءِ اضافي رهائش گاهه جي تعمير لاءِ اڍائي ارب رپيا مختص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب سرڪاري دستاويزن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ان ترقياتي منصوبي تحت اسلام آباد جي سيڪٽر جي 52 ۾ رهائشي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
پروجيڪٽ جو مرڪزي حصو اضافي فيملي سوئٽس جي تعمير آهي، جنهن ۾ تقريباً 500 سرونٽ ڪوارٽر شامل آهن، ته جيئن عوامي نمائندن جي رهائش جي ضرورتن کي بهتر انداز ۾ پورو ڪيو وڃي.
منصوبي جي ڪل لاڳت جو اندازو 7 ارب 40 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو آهي. حڪومتي دستاويز ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته 30 جون 2026 تائين ان منصوبي تي 2 ارب 29 ڪروڙ رپيا خرچ اچڻ جو امڪان آهي. هن منصوبي سان پارليامينٽ لاجز جي موجوده گنجائش ۾ ڪافي اضافو ٿيندو.
ان کان علاوه، موجوده پارليامينٽ لاجز جي ڀرسان ميمبرن لاء 104 خانداني سوٽ اڳ ۾ ئي تعمير ڪيا ويا آهن. آفيسرن جو چوڻ هو ته انهن سوئٽس جو تعميراتي ڪم آخري مرحلي ۾ آهي ۽ في الحال فنشنگ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، جنهن ۾ ميمبرن کي فوري رهائش فراهم ڪئي ويندي.


