پشاور:
خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ تيز هوائن، طوفان ۽ برسات سبب ڀتيون ۽ ڇتون ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 31 زخمي ٿي پيا آهن.
پي ڊي ايم اي تيز هوائن، طوفان ۽ برسات سبب گهرن جون ڀتيون ۽ ڇتون ڪرڻ سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
پي ڊي ايم اي ترجمان موجب تيز هوائن ۽ برسات سبب گهرن جون ڀتيون ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 31 زخمي ٿي پيا آهن. فوتين ۾ 2 مرد، جڏهن ته زخمين ۾ 7 عورتون، 16 مرد ۽ 8 ٻار شامل آهن.
صوبي جي مختلف ضلعن پشاور، چارسده، نوشهره ۽ بنون ۾ حادثا پيش آيا. پي ڊي ايم اي، ضلعي انتظاميا ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا الرٽ ۽ ويجهي رابطي ۾ آهن.
پي ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ضلعن جي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته متاثرن کي جلد کان جلد امداد فراهم ڪئي وڃي. برساتن ۽ تيز هوائن جو موجوده سلسلو 5 جون تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي جو ايمرجنسي آپريشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي. عوام ڪنهن به ڄاڻ، آگاهي يا ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي جي اطلاع 1700 تي ڏئي.


