آبنائي هرمز کوليو ويو، ايران غير دشمن جهازن کي مشروط گذرڻ جي اجازت ڏني

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايران اعلان ڪيو آهي ته ‘غير دشمن’ جهازن کي آبنائے هرمز ذريعي محفوظ گذرڻ جي اجازت ڏني ويندي، بشرطيڪ اهي ايران جي خلاف ڪنهن جارحاڻي ڪارروائي ۾ ملوث نه هجن ۽ مقرر ڪيل حفاظتي ضابطن تي عمل ڪن.

گڏيل قومن ۾ ايران جي مشن طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته جهاز هن اهم آبي رستي تان لنگهي سگهن ٿا ۽ ايران جي لاڳاپيل اختيارين سان رابطي ۽ سهڪار سان. بهرحال، ايران اهو واضح نه ڪيو ته انهن ضابطن جا مڪمل تفصيل ڇا هوندا.

آبنائے هرمز عالمي توانائي جي منتقلي لاءِ هڪ اهم رستو آهي، جيڪو دنيا جي تيل ۽ ايل اين جي جو 20 سيڪڙو نقل ڪري ٿو. آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران خلاف جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ هن رستي تي جهازن جي آمد و رفت سخت متاثر ٿي آهي.

رپورٽن مطابق جتي جنگ کان اڳ روزانو سراسري طور 120 جهاز ان رستي تان گذرندا هئا، هاڻي اهو انگ گهٽجي ڪجهه جهازن تي اچي ويو آهي. سومر تي صرف 5 جهازن جي حرڪت رڪارڊ ڪئي وئي جنهن جو عالمي واپار ۽ توانائي جي فراهمي تي گهرو اثر پيو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ان صورتحال سبب تيل جي عالمي قيمتن ۾ تيزي آئي آهي ۽ جيڪڏهن آبنائي هرمز عملي طور بند رهي ته تيل جي قيمت 150 کان 200 ڊالر في بيرل تائين پهچي سگهي ٿي.

اها پيش رفت هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن آمريڪي صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سان جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته تهران اڳ ۾ اهڙن دعوائن کي رد ڪري چڪو آهي.

ٻئي طرف امڪاني امن معاهدي جي خبرن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪجهه بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي، ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ اضافو ٿيو جڏهن ته برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ به عارضي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment