الجيريا خلاف ميچ ۾ گول ڪرڻ بعد ليونل ميسي ڇو روئي؟

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي پهرين ميچ ۾ الجيريا خلاف گول ڪرڻ کانپوءِ ارجنٽائن جو ڪپتان ليونل ميسي جذباتي ٿي روئي، هن ميچ ۾ 3 گول ڪري پنهنجي ٽيم کي 0-3 جي فتح ڏياري. ميچ کانپوءِ ارجنٽائن جي ڪپتان ليونل ميسي ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته منهنجي ڳوڙهن جو تعلق فٽبال ميچ سان نه هو پر ذاتي زندگي ۾ ڏکين ۽ پريشان ڪندڙ حالتن مان گذري رهيو آهيان ۽ هن ڏکئي وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏيڻ تي ارجنٽائن جي سموري ٽيم ۽ وفد جو شڪرگذار آهيان. هن چيو ته ڪيريئر ۾ گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ کانپوءِ اهو منهنجي لاءِ تمام خوبصورت لمحو آهي ۽ مان پنهنجي ٽيم سان گڏ هر لمحي مان لطف اندوز ٿي رهيو آهيان. ارجنٽائن ٽيم جي ڪوچ ليونل اسڪالوني به ليونل ميسي جي ڪارڪردگي کي شاندار قرار ڏيندي چيو ته ميسي بابت لفظ گهٽ آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment