آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران سان ڳالهيون نه ٿيون ته ايران خلاف نئون آپريشن شروع ڪيو ويندو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحافين کي ٻڌايو ته جيڪڏهن ايران سان امن ڳالهيون اڳتي نه وڌيون ته آمريڪا آبنائے هرمز ۾ پروجيڪٽ فريڊم پلس آپريشن شروع ڪندو.
ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته پروجيڪٽ فريڊم ڏانهن واپس وڃي سگهون ٿا پر اهو پروجيڪٽ فريڊم پلس هوندو. بهرحال، ٽرمپ اهو نه چيو ته پروجيڪٽ فريڊم ۾ ڪهڙا عنصر شامل ٿي سگهن ٿا.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته پاڪستان آمريڪا کي چيو هو ته پروجيڪٽ فريڊم نه ڪيو وڃي. ٽرمپ چيو ته هو آپريشن پروجيڪٽ فريڊم کي معطل ڪندو.
اين بي سي نيوز موجب ٽرمپ جي آپريشن روڪڻ جي فيصلي ۾ سعودي عرب جي دٻاءُ به ڪردار ادا ڪيو.


