آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي کانپوءِ ايران ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي، جتي شهرين روڊن تي نڪري پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز ۽ تصويرن ۾ ايراني ماڻهن کي پاڪستاني جهنڊو بلند ڪري خوشي جو اظهار ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته تهران سميت مختلف شهرن ۾ جشن ملهايو پيو وڃي.
پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي نتيجي ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي ممڪن ٿي آهي، جنهن سان خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ٿي آهي.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بروقت قدمن سان وڏو تصادم ٽاري ويو جڏهن ته لکين ماڻهن کي ممڪن آفت کان بچائڻ ۾ مدد ملي.
ٻئي طرف ڊونلڊ ٽرمپ جي سخت موقف ۽ ڌمڪين سبب خطي ۾ صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري ٿي وئي هئي پر جنگبندي کانپوءِ صورتحال بهتر ٿيڻ جو امڪان آهي.


