پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽريليا خلاف ايندڙ ون ڊي سيريز کان اڳ وڏو دھچڪو لڳو، اوپننگ بيٽسمين صائم ايوب ۽ فخر زمان زخمين سبب سيريز کان ٻاهر ٿي ويا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) تصديق ڪئي آهي ته ٻئي رانديگر اڃا تائين مڪمل طور تي زخم کان صحتياب نه ٿيا آهن ۽ طبي پينل جي نگراني ۾ پنهنجو بحالي پروگرام جاري رکندا، جنهن جي نتيجي ۾ هو آسٽريليا خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کان ٻاهر ٿي ويندا. پي سي بي موجب سيريز جي شروعات 30 مئي تي راولپنڊي ۾ ٿيندي، جڏهن ته ٻي ۽ ٽئين ون ڊي ميچ 2 ۽ 4 جون تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. سعيم ايوب جي نه اچڻ کي پاڪستان لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته نوجوان اوپنر 2024ع ۾ ڊيبيو ڪرڻ کان پوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، ٻئي طرف فخر زمان پڻ ڪافي عرصي کان پاڪستان جي ون ڊي بيٽنگ لائن اپ جو اهم حصو رهيو آهي. پي سي بي ٻنهي رانديگرن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسڪواڊ ۽ ٻين رانديگرن جي فٽنيس بابت وڌيڪ اپڊيٽ جلد جاري ڪئي ويندي.
Source link

سعيم ايوب ۽ فخر زمان آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويا
Leave a Comment Leave a Comment

