ڪراچي:
ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ اڄ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سومر تي سون جي في اونس قيمت 46 ڊالر وڌي 4 هزار 554 ڊالر ٿي وئي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ هلندڙ هفتي جي پهرين ڏينهن 24 قيراط سون جو في تولو اگهه 4 هزار 600 رپين جي واڌ سان 4 لک 77 هزار 762 رپيا ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح مقامي سطح تي سون جي في 10 گرام جو اگهه به 3 هزار 943 رپيا وڌي 4 لک 603 رپيا ٿي ويو.
ان کان علاوه عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في اونس اگهه 2 ڊالر 36 سينٽس جي واڌ سان 77 ڊالر 86 سينٽس، مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ به چاندي جو في تولو اگهه 236 رپيا 8 هزار 270 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه به 7 هزار 90 رپين جي واڌ سان 7 هزار 90 رپيا ٿي ويو.


