شوفيا اينٽي ڪرپشن سرڪل ڪراچي صرافه بازار ڪارروائي جي وڊيوز جو سخت نوٽيس وٺندي معطل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ اي جي ترجمان موجب ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڪراچي زون صرافه بازار ڪارروائي بابت سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل ايس ايڇ او ايف آءِ اي اي سي ڪراچي کي فوري طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي.
ايف آءِ اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هي قدم ابتدائي مشاهدن ۽ سامهون ايندڙ ثبوتن جي روشنيءَ ۾ کنيو ويو آهي ته جيئن اداري سطح تي غيرجانبداريءَ ۽ شفافيت سان مڪمل صورتحال جو جائزو وٺي سگهجي.
ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڪراچي زون واضح ڪيو آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي، غير قانوني سرگرميون يا ڪنهن به قسم جي غير ذميواراڻي رويي کي برداشت نه ڪيو ويندو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي. قانون جي حڪمراني، شفافيت ۽ عوام جي اعتماد جي تحفظ لاءِ ايف آءِ اي پنهنجا فرض ذميواري ۽ پروفيشنل طريقي سان سرانجام ڏيندي.


