ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي طرفن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ويجهن رابطن کي برقرار رکڻ ۽ ٻطرفي پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ناڻي واري وفاقي وزارت موجب ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال، حڪومت جي جاري سڌارن واري ايجنڊا ۽ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ترقياتي تعاون کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته وفاقي بجيٽ 2026-27 جي ڪامياب منظوري، حڪومت جي لاءِ جاري معاشي پاليسين ۽ معاشي پاليسين تي غور ويچار ڪيو ويو. معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ دوران ترقي جو جائزو ورتو ويو. برطانوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت ٽيڪس جي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل، فيليس، آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) انٽيگريٽڊ ۽ خطري تي ٻڌل نظام متعارف ڪرائي رهي آهي، جنهن جو مقصد شفافيت وڌائڻ، من پسند مداخلت کي گهٽائڻ، ٽيڪس ادا ڪندڙن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ آمدني ۾ اضافو ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، چونڊيل سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ حڪومتي ادارن ۾ گورننس، ڪارڪردگي ۽ سروس ڊليوري کي بهتر بڻائڻ لاءِ جاري قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير چيو ته اهي سڌارا پاڪستان جي ڊگهي مدي واري معاشي مضبوطي ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي لاءِ ضروري آهن. برطانوي هاءِ ڪمشنر اقتصادي استحڪام جي طرف پاڪستان جي اڳڀرائي جي آجيان ڪئي ۽ سڌارن جي ايجنڊا جي لاءِ برطانيا جي مسلسل حمايت کي ورجايو. ٻنهي طرفن واپار، سيڙپڪاري، مالياتي مارڪيٽن ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي سرڪاري ۽ خانگي شعبن ۾ ويجهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. ناڻي واري وزير مسلسل سڌارن، سيڙپڪاري جي فروغ ۽ بين الاقوامي ترقياتي ڀائيوارن ۽ سيڙپڪارن سان مسلسل لاڳاپن ذريعي پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ معاشي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي حڪومت جي عزم کي ورجايو. ناڻي واري وزارت موجب ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي طرفن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ويجهن رابطا برقرار رکڻ ۽ ٻطرفي ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
Source link

ناڻي واري وفاقي وزير سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق
Leave a Comment Leave a Comment

