ٽرمپ جي درخواست تي فيفا جو وڏو فيصلو، آمريڪي رانديگر جي معطلي روڪي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



فٽبال جي عالمي اداري فيفا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي درخواست تي آمريڪي فٽبال ٽيم کي وڏو رليف ڏيندي اهم رانديگر فلورين بالوگن جي هڪ ميچ جي معطلي تي عمل کي عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي. خابرو اداري موجب 2 جولاءِ تي بوسنيا ۽ هرزيگوينا خلاف کيڏيل ميچ ۾ ريڊ ڪارڊ ڏيکارڻ کانپوءِ فلورين بالوگن کي هڪ ميچ لاءِ معطل ڪيو ويو هو پر هاڻي فيفا ان معطلي تي عمل ۾ هڪ سال جي دير ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيفا جي صدر کي ريڊ ڪارڊ جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي جنهن کانپوءِ فلورين بالوگن کي 7 جولاءِ تي بيلجيم خلاف کيڏي ويندڙ پري ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ کيڏڻ جي اجازت ڏني وئي، صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيفا جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ اداري جو شڪريو ادا ڪيو. ٻئي طرف بيلجيم فٽبال ايسوسي ايشن فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪندي ممڪنه قانوني ڪارروائي تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان فيصلي کانپوءِ فيفا جي غير جانبداري ۽ ساک تي سوال اٿاريا پيا وڃن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment