پاڪستان جو پراسرار اسپنر عثمان طارق انگلش ٽي 20 بلاسٽ جو حصو بڻجي ويو.
تفصيل موجب عثمان طارق انگلش ٽي 20 بلاسٽ ۾ وارڪشائر بيئرز جي نمائندگي ڪندو.
ٽيم جي پرفارمنس ڊائريڪٽر جيمس ٿامس جو چوڻ آهي ته عثمان جديد وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ خطرناڪ هٿيار ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ سندس صلاحيتون واروڪ شائر لاءِ اهم هونديون.
ياد رهي ته عثمان طارق ٽي 20 بلاسٽ کانپوءِ دي هينڊرڊ ۾ به شرڪت ڪندو.
30 سالن جي اسپنر هن وقت تائين پاڪستان لاءِ 9 ٽي 20 ميچن ۾ 18 وڪيٽون وٺي چڪو آهي، جنهن ۾ هڪ هيٽرڪ به شامل آهي.


