لاهور جي سيشن عدالت ٽڪ ٽاڪر عائشه جٽ تي مبينا تشدد ڪيس ۾ رجب بٽ جي شريڪ جوابدار شعيب شوڪت جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
لاهور جي سيشن ڪورٽ جي ايڊيشنل سيشن جج محمد عاصم شهزاد جوابدار جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ هن جوابدار جي 6 آگسٽ تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.
عدالت شعيب شوڪت کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس کان ڪيس جو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو.
پوليس موجب شعيب شوڪت تي نواب ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ جوابدار عائشه جٽ تي مبينا تشدد ڪرڻ جو الزام آهي.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.


