پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عباس ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


سلهٽ (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عباس ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻيو وڏو سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي.

بنگلاديش خلاف جاري ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ محمد عباس ٻاهرين ملڪ ۾ 100 ٽيسٽ وڪيٽون وٺڻ واري پاڪستان جي چند چونڊيل بالرن ۾ شامل ٿي ويو آهي.

محمد عباس اهو اعزاز ان وقت حاصل ڪيو جڏهن هو ميزبان ٽيم جي ڪپتان نجم الحسن شانتو کي وڪيٽ ڪيپر جي هٿان ڪيچ آئوٽ ڪرايو. ان وڪيٽ سان هن ٻاهرين ملڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 100 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون.

محمد عباس ميچ ۾ شاندار بالنگ جاري رکندي بنگلاديشي اوپنرز محمود الحسن جوائي ۽ تنزيد حسن کي آئوٽ ڪري ميزبان ٽيم کي جلد ئي مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو.

36 ورهين جو فاسٽ بالر اهو اعزاز حاصل ڪندڙ ڇهين پاڪستاني فاسٽ بالر بڻجي ويو آهي، ان کان اڳ وسيم اڪرم، وقار يونس، عمران خان، محمد عامر ۽ عمر گل اهو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اوورسيز ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سندس بالنگ جي اوسط 23.02 رهي آهي، جيڪا 100 کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ وارن سڀني بالرن ۾ بهترين سمجهي ويندي آهي.

محمد عباس هن وقت تائين 51 اننگز ۾ 109 ٽيسٽ وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي، جنهن مان رڳو 9 وڪيٽون پاڪستان ۾ حاصل ڪيون آهن جڏهن ته باقي سموريون وڪيٽون ٻاهرين ملڪ حاصل ڪيون آهن.

گذريل ميچ ۾ به هن شاندار ڪارڪردگيءَ سان 6 وڪيٽون ورتيون ۽ سيريز جي شروعات کان ئي بنگلاديشي بيٽنگ لائن کي پريشان ڪري رهي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment