پاڪستان جو نعمان خان پنهنجي ڀارتي مخالف کي شڪست ڏئي ايشين جونيئر انڊر 17 اسڪواش چيمپيئن بڻجي ويو.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان جو نعمان خان پنهنجي ڀارتي مخالف کي شڪست ڏئي ايشين جونيئر انڊر 17 اسڪواش چيمپيئن بڻجي ويو، احمد ريان خليل ايشين جونيئر انڊر 15 چيمپيئن بڻجي ويو. گرلز انڊر 15 جي فائنل ۾ مهنور علي کي شڪست ڏئي سلور ميڊل کٽي ورتو، 33 هين ايشين جونيئر انفرادي اسڪواش چيمپيئن شپ 2026 پاڪستان 2 گولڊ، 1 سلور ۽ 3 برونز ميڊل کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. مليل رپورٽن موجب چين جي شهر پانزيهوا ۾ جاري چيمپيئن شپ جي بوائز انڊر 17 ايونٽ جي فائنل ۾ نعمان خان 40 منٽن جي مقابلي کانپوءِ ڀارت جي سيڊ 5 شيوانڪو اگروال کي 1-3 تان شڪست ڏئي گولڊ ميڊل جو حقدار بڻجي ويو. بوائز انڊر 15 جي فائنل ۾ ٽاپ سيڊ احمد ريان خليل ملائيشيا جي ڌورن روٿي رن کي آساني سان 0-3 تان شڪست ڏئي ايشين جونيئر چيمپيئن بڻجي ويو، اها ميچ 29 منٽن تائين جاري رهي. گرلز انڊر 15 ايونٽ جي فائنل ۾ چوٿين سيڊ ماه نور علي ٽاپ سيڊ چين جي زي يوان کان آساني سان هارائي وئي، ماه نور علي کي 23 منٽن ۾ 3-0 تان شڪست کانپوءِ سلور ميڊل تي ڀاڙڻو پيو. ياد رهي ته گذريل سال ماه نور علي ايشين جونيئر چيمپيئن شپ ۾ انڊر 13 گرلز جو فائنل کيڏيندي سلور ميڊل کٽيو هو، پاڪستان 33هين ايشين جونيئر انفرادي چيمپيئن شپ ۾ ڪل 5 ميڊل کٽيا هئا، جن ۾ 2 گولڊ، هڪ سلور ۽ 3 برونز ميڊل شامل هئا. پاڪستان جو سهيل عدنان بوائز انڊر 15 جي سيمي فائنل تائين محدود رهڻ بعد برانز ميڊل لاءِ حقدار ٿي ويو، جڏهن ته محمد عمير عارف هم وطن نعمان خان هٿان هارائي سيمي فائنل ۾ پهچندي برونز ميڊل حاصل ڪيو. چيمپيئن شپ ۾ گروپ ڪپتان (ر) عرفان اصغر ٽيم مئنيجر ۽ مشهور اڳوڻي عالمي رانديگر فهيم گل هيڊ ڪوچ جي ذميواريون سنڀاليون.



Source link

Share This Article
Leave a Comment