پاڪ بحريه جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس نيول هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ پڄاڻي تي پهتي، ڪانفرنس جي صدارت چيف آف نيوي ايڊمرل نويد اشرف ڪئي، ڪانفرنس ۾ سمورن پرنسپل اسٽاف آفيسرن ۽ فيلڊ ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس دوران پاڪ بحريه جي سربراهه سامونڊي حدن ۾ روايتي ۽ غير روايتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ جنگي تيارين جي تسلسل کي برقرار رکڻ تي زور ڏنو. مشرق وسطٰي جي موجوده صورتحال جي حوالي سان بحريه جي سربراهه بحريه جي شعبي ۾ اڀرندڙ خطرن کي اجاگر ڪيو، جنهن ۾ بحري تحريڪ جي آزادي کي درپيش خطرن، نازڪ ميري ٽائيم ٽريڊ لين (SLOCs) ۾ امڪاني رڪاوٽون ۽ غير مستحڪم علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي صورتحال شامل آهي. ايڊمرل نويد اشرف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جديد ٽيڪنالاجي جو حصول پاڪستان نيوي جي اسٽريٽجڪ ضرورت آهي. نيول چيف خطي ۾ امن، استحڪام ۽ علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي قيام ۾ پاڪستان نيوي جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان نيوي نار عمان ۾ پنهنجي موجودگي ذريعي بحري برادري جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي رهي آهي. نيول چيف ان تاريخي ڪاميابي کي قومي اتحاد جو لازوال ثبوت ۽ ڪنهن به ٻاهرين جارحيت جو لوهي هٿن سان جواب ڏيڻ جي پختي عزم جو مظهر قرار ڏنو. ڪانفرنس ۾ آپريشنل تيارين، جاري قدمن ۽ مستقبل جي پروگرامن جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪانفرنس دوران بحري صلاحيتن کي بدلجندڙ علائقائي سيڪيورٽي ماحول ۽ بحري جنگ جي سمورن شعبن ۾ آپريشنل تياري جي حوالي سان هڪ واضح روڊ ميپ تي غور ڪيو ويو. ياد رهي ته ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس پاڪستان نيوي جو اعليٰ ترين فيصلا ڪرڻ وارو فورم آهي جنهن ۾ پاڪ بحريه جا سربراهه، پرنسپل اسٽاف آفيسر ۽ فيلڊ ڪمانڊر اسٽريٽجڪ ترجيحن ۽ پاليسين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهن.
Source link

پاڪستان نيوي جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي، جنگي تيارين جو تسلسل برقرار رکڻ تي زور
Leave a Comment Leave a Comment

