پاڪستان ۾ ايبولا وائرس جو خطرو انتهائي گهٽ آهي، صحت واري وزارت

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


اسلام آباد:

صحت واري وزارت واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ايبولا وائرس جو خطرو تمام گهٽ آهي.

صحت واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته عالمي صحت واري اداري ڪانگو ۽ يوگنڊا ۾ ايبولا جي تازي وبا کي عالمي ايمرجنسي قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ايبولا وائرس جو موجوده پکڙ آفريڪي ملڪن ڪانگو ۽ يوگنڊا تائين محدود آهي.

بيان موجب ڊبليو ايڇ او واضح ڪيو آهي ته آفريڪا کان ٻاهر ڪنهن به ملڪ ۾ ايبولا وائرس جو ڪو به مريض سامهون ناهي آيو. اهڙي طرح پاڪستان يا پاڙيسري ملڪن ۾ ايبولا جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو.

صحت واري وزارت موجب متاثر آفريقي ملڪن سان محدود سفري رابطن سبب پاڪستان ۾ خطرو انتهائي گهٽ آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن احتياطي نگراني کي وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي، پر سفري پابندين جي سفارش نه ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي تازي پکڙجڻ کي نظر ۾ رکندي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عوام کي وبائي مرض کان بچائڻ لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته صحت واري وزارت ۽ اين آءِ ايڇ صورتحال جي مسلسل نگراني ڪري رهيا آهن.

ترجمان جو چوڻ هو ته صحت واري وزير جي هدايتن تي ايبولا کي روڪڻ لاءِ سڄي ملڪ جي ايئرپورٽس تي نگراني کي وڌيڪ موثر بڻايو ويو آهي. انٽرنيشنل هيلٿ ريگيوليشن جي سفارشن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو پيو وڃي.

صحت واري وزارت سمورن صوبن ۽ بارڊر هيلٿ سروسز کي الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن جڏهن ته صحت واري وزارت ۽ ان جا ماتحت ادارا ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هاءِ الرٽ آهن.

ترجمان موجب اين آءِ ايڇ پاڪستان وٽ ايبولا جي تشخيص جي صلاحيت آهي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ کي سمورا ضروري انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

صحت واري وزارت آفريقي ملڪن جو سفر ڪندڙ شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو روانگي کان اڳ لاڳاپيل ملڪ جي سفر ۽ طبي هدايتن کي چيڪ ڪن. اختيارين موجب پاڪستان جا صحت جا ادارا صحت جي عالمي اداري جي سهڪار سان صورتحال جي مسلسل نگراني ڪري رهيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment