نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڄ ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو.
ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان جي وسيع تر معاشي اثرن تي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي اسحاق ڊار خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ تعميري سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو.
ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح امت مسلمه ۽ عالمي برادري لاءِ پائيدار امن ۽ سلامتي جي قيام ۾ پاڪستان جي سنجيده ڪوششن کي ساراهيو.
ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن تي اتفاق ڪيو ۽ ويجهن رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.


