ڪراچي:
شهر قائد ۾ سپر هاءِ وي دنبا گوڙ تي ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ بزرگ فوت ٿي ويو.
ڇاپو اختيارين موجب ڪوئيٽا دربار هوٽل ويجهو نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ 76 ورهين جو مسافر محمد احمد ولد عبدالله خان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
پوليس اختيارين موجب حادثو تيز رفتار گاڏي پيادل ويندڙ کي ٽڪر هنيو، جنهن بعد ڊرائيور گاڏي سميت موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
جڏهن ته حادثي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ گاڏي جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو.


