پشاور ۾ چيمپيئنز ڪرڪيٽ ليگ جو باضابطا افتتاح ڪيو ويو، جنهن ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽ ڪپتان شاهد آفريدي ۽ خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي راندين جي فروغ ۽ نوجوان رانديگرن جي حوصلا افزائي تي زور ڏنو. ايڪسپريس نيوز سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته پشاور منهنجو گهر آهي، مان پنهنجي شهر ۾ اچي هميشه خوش آهيان. هن چيو ته چيمپيئن ڪرڪيٽ ليگ گهڻو اڳ پشاور ۾ منعقد ٿيڻ گهرجي ها ڇو ته هي صوبو تمام گهڻو ٽيلنٽ فراهم ڪري رهيو آهي. اڳوڻي قومي ڪپتان چيو ته صوبي ۾ ڪرڪيٽ جو تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي جنهن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ جديد ڪرڪيٽ اڪيڊميز قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن نوجوانن کي بهتر سهولتون ۽ موقعا ملي سگهن. ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيمپيئنز ڪرڪيٽ ليگ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن ٽورنامينٽ جو مقصد دنيا کي خيبرپختونخواهه جو مثبت ۽ پرامن چهرو ڏيکارڻ آهي. هن چيو ته اسان دنيا کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته اسان پرامن ماڻهو آهيون دهشتگرد نه آهيون. گورنر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو ٽورنامينٽ منعقد ڪرائڻ تي شڪريو ادا ڪيو. فيصل ڪريم ڪنڊي موجب چيمپيئنز ڪرڪيٽ ليگ ۾ 6 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن ۽ هي ايونٽ هر سال باقاعدگي سان منعقد ڪيو ويندو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ اسپورٽس ٽيلنٽ موجود آهي ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا اڌ کان وڌيڪ رانديگر هن صوبي سان تعلق رکن ٿا. هن چيو ته راندين جو فروغ دهشتگردي جي خاتمي ۽ نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ ناگزير آهي ۽ اهو ئي هن ليگ منعقد ڪرائڻ جو بنيادي مقصد آهي.
Source link

پشاور ۾ چيمپيئن ڪرڪيٽ ليگ جو افتتاح؛ هي صوبو تمام گهڻو ٽيلنٽ ڏئي رهيو آهي، شاهد آفريدي
Leave a Comment Leave a Comment

