ڪراچي جي علائقي طارق روڊ تي خالد بن وليد روڊ تي واقع ٽريول ايجنسي جي آفيس ۾ خوفناڪ واقعو پيش آيو، جتي هڪ چور آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس موجب ٽريول ايجنسي جي مالڪ سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۾ چور کي ڏٺو ۽ فوري طور هيلپر 15 کي اطلاع ڪيو، اطلاع ملڻ تي پوليس جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهتي. پوليس اختيارين موجب، اهلڪار جيئن ئي موقعي تي پهتا ته چور غسل خاني جو دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو ۽ ان دوران پاڻ کي گوليون هڻي پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته خودڪشي ڪندڙ چور جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
Source link

ڪراچي: ٽريول ايجنسي جي آفيس ۾ چور خودڪشي ڪري ڇڏي
Leave a Comment Leave a Comment

