ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ريلي ۾ تبديل، عوام جي وڏي انگ ۾ شرڪت

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

ملير جي علائقي ۾ ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو صبر ختم، مختلف علائقن جي رهواسين پاران ماڊل ڪالوني ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته ملير ماڊل ڪالوني، کوکراپار، جعفر طيار سوسائٽي، ملير سٽي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ معمول بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري عام زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي.

شرڪت ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته خاص ڪري کوکراپار واري علائقي ۾ 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب گهريلو صارفين سان گڏ ڪاروباري سرگرميون به متاثر ٿي رهيون آهن.

سخت گرمي ۾ بجلي جي ڊگهي بندش شهرين کي ذهني اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ۽ لوڊشيڊنگ جو باقاعده شيڊول جاري ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي وڌيڪ پريشانين کي منهن ڏيڻو نه پوي.

احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن مسئلو حل نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment