ڪراچي سميت سنڌ ۾ شديد گرمي جي لهر برقرار، گرمي پد 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

سنڌ ۾ سخت هيٽ ويو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن دوران گرمي پد 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي سڄي سنڌ لاءِ هيٽ ويو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته مٿانهين فضا ۾ هڪ هاءِ پريشر ايريا بڻجڻ سبب صوبي جي اڪثر ضلعن ۾ 8 کان 12 جون تائين وچولي کان سخت گرمي جي لهر پوڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ گرمي جي لهر 9 کان 12 جون تائين برقرار رهي سگهي ٿي، جڏهن ته شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 39 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

الرٽ موجب اڄ کان 12 جون تائين سکر، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ۾ گرمي پد 48 کان 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ٿيڻ جو امڪان آهي.

اهڙي طرح ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ڄامشورو ۽ سجاول جي ضلعن ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 42 کان 45 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سخت گرمي سبب صوبي جي ميداني علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي مٽيءَ جي هوائن ۽ گجگوڙ پڻ پوڻ جو امڪان آهي.

عوام خاص ڪري ٻارن، عورتن ۽ بزرگ شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي. موسميات کاتي شهرين کي وڌيڪ پاڻي پيئڻ ۽ صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين غير ضروري سج ۾ ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment