اسلام آباد:
پاڪستان جي شهرين لاءِ اها خوشخبري آهي ته حڪومت انهن جي دروازي تي وڏي سهولت فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پاڪستان حڪومت عوام جي سهولت ۽ پراڻن مطالبن کي پورو ڪرڻ لاءِ پاسپورٽ انهن جي درين تي پهچائڻ لاءِ هڪ نئين ڊجيٽل سروس شروع ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي.
نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب ڊي جي اميگريشن اينڊ پاسپورٽ محمد علي رنڌاوا جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊجيٽل ايپ ذريعي خدمتن کي جديد بڻائڻ جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
ان اقدام جو مقصد شهرين کي ڊگهين قطارن ۽ آفيسن جي چڪرن کان نجات ڏيارڻ آهي ته جيئن آساني سان پاسپورٽ حاصل ڪري سگهجي.
اجلاس دوران ڊور اسٽيپ پاسپورٽ ڊليوري سروس قائم ڪرڻ لاءِ سمورن ضروري ضابطن ۽ نون ايس او پيز کي حتمي شڪل ڏني وئي.
آفيسرن جو چوڻ آهي ته هن ڊجيٽل سسٽم جي مڪمل عمل درآمد کانپوءِ نه رڳو پاسپورٽ ٺاهڻ جو عمل تيز ٿيندو پر شفافيت کي به يقيني بڻايو ويندو.


