قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 2026-27 جي قومي ترقياتي بجيٽ ۽ سالياني ترقياتي پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وزيراعظم ميان شهباز شريف جو چوڻ آهي ته مشڪلاتن باوجود آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، برآمدات ۾ اضافو ۽ مجموعي معاشي بهتري اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ ٽنهي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاق ۽ صوبن جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال 26-2025 جي ترقياتي بجيٽ جو به تفصيل سان جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ صوبن جي سالياني ترقياتي منصوبن (ADP) تي بريفنگ ۽ پريزنٽيشن ڏني وئي. اجلاس دوران ايندڙ مالي سال 2026-27 لاءِ سرڪاري شعبي جي سيڙپڪاري پروگرام جو به جائزو ورتو ويو، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي سرڪاري شعبي جي سيڙپڪاري تي به غور ويچار ڪيو ويو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ سي ڊي ڊبليو پي جي پهرين اپريل 2025ع کان 31 مارچ 2026ع تائين جي ترقي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته ان ئي عرصي دوران ايڪنڪ ۽ ايڪنڪ کان رٿائن جي منظوري جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي.
قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون مشڪلاتن باوجود آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
وزيراعظم چيو ته ان چئلينج باوجود حڪومت عوام کي تيل جي قيمتن جي مد ۾ 128 ارب رپين جو رليف ڏنو، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پيٽرول پمپن تي ڊگهين قطارون نظر آيون، پر بروقت قدمن جي ڪري پاڪستان ۾ پيٽرول جي فراهمي برقرار رهي ۽ عوام کي ڪنهن به قسم جي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پيو.
هن چيو ته ان سموري عمل ۾ صوبن ڀرپور سهڪار ڪيو، جنهن لاءِ هو سندن شڪرگذار آهن، حڪومت عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان صوبن سان صلاح مشورا ڪيترن ئي هفتن کان جاري آهن.
وزيراعظم چيو ته وڌيڪ وسيلا پيدا ڪرڻ تي صوبن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، دفاع لاءِ وسيلن جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، جڏهن ته دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ اضافي وسيلن جي ضرورت آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پوري قوم خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي عوام دهشتگردي خلاف قربانيون ڏنيون آهن، سڪيورٽي فورسز جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.
هن چيو ته گذريل رات آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن پاڪستان جي مخلصاڻي معاشي ڪوششن کي ساراهيو.
وزيراعظم چيو ته مجموعي قومي پيداوار ۾ واڌ جي لاءِ معيشت جي مختلف شعبن کي مراعتون ڏيڻ گهرجن ته جيئن ترقي جو عمل تيز ٿي سگهي ۽ پائيدار معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي.
پنجاب جي وڏي وزير جي بيماري جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هو پنهنجي خراب صحت سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو.
اجلاس کان اڳ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي وزيراعظم هائوس پهتو، جڏهن ته ناڻي وارو سيڪريٽري امداد الله بوسال ۽ راڻا ثناءُ الله به اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وزيراعظم هائوس پهچي ويا.
اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه به وزيراعظم هائوس پهچي ويو. ان کان علاوه مريم اورنگزيب ۽ بلوچستان جو وڏو وزير به وزيراعظم هائوس پهتو.


