بئنڪ ۾ 5 ڪروڙ رپيا جمع ڪرائڻ لاءِ آيل شهري کان بئنڪ ملازم رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا.
خانگي ٽي وي رپورٽ موجب صوبائي راڄڌاني لاهور جي مصروف ڪمرشل علائقي رنگ محل ۾ خانگي بئنڪ جي 2 ملازمن لکين رپيا چوري ڪري ورتا.
پوليس ترجمان پاران جاري ڪيل تفصيل موجب هڪ خانگي ٽي وي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ شهري پنهنجي 5 ڪروڙ رپيا بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ پهتو.
بينڪ ڪائونٽر تي موجود ملازمن شهري کان رقم وصول ڪري رقم جمع ڪرائڻ جو يقين ڏياريو پر جيئن ئي رقم ملي ته ٻئي ملازم اها رقم کڻي موقعي تان فرار ٿي ويا.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس فوري ڪارروائي شروع ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس گرفتار جوابدارن وٽان 3 ڪروڙ رپيا پڻ هٿ ڪيا آهن.
قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ٻئي ساٿي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته واقعي جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.


