مظفر آباد ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪرنل امجد لطيف جي جنازي نماز گوجرانوالا ۾ ادا ڪئي وئي.
جنازي نماز ۾ شهرين، سياسي سماجي شخصيتن ۽ فوجي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شهيد ڪرنل امجد لطيف کي مڪمل فوجي اعزازن سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪ فوج جي جوانن کيس سلامي ڏني. ان موقعي تي خوني منظر ڏسڻ ۾ آيا.
شرڪت ڪندڙن شهيدن جي درجات جي بلندي ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون. ملڪ جي خاطر جان قربان ڪندڙ سپوت کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو ويو، جڏهن ته جنازي نماز جي موقعي تي ”پاڪستان زنده باد“ ۽ ”شهداءِ همارا فخر هين“ جا نعرا پڻ هنيا ويا.
شرڪت ڪندڙن شهيد ڪرنل امجد لطيف جي قرباني کي قوم لاءِ مشعل راهه قرار ڏيندي چيو ته شهيدن جون قربانيون وطن جي دفاع ۽ سلامتي جي ضامن آهن. پنهنجي بهادر فرزند جي عظيم قرباني تي سڄي شهر جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون.
ان کان علاوه مظفر آباد ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيل فورٽ عباس جي نوجوان محمد ارسلان جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.


