هندستان ۾ ڪاکروچ جنتا پارٽي (سي جي پي) تحريڪ نااهل مودي حڪومت کي ڌڪي ڇڏيو.
ڀارتي اخبار نيو انڊين ايڪسپريس موجب لکنؤ ۾ چيف جسٽس جي اڳواڻي ۾ شاگردن ۽ سرڪاري نوڪرين جي اميدوارن مودي حڪومت خلاف احتجاج ڪيو.
مظاهرين ڪرپٽ ڀارتي تعليم واري وزير ڌرميندرا پراڻ جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو، ان کان اڳ دهلي ۽ پوني ۾ جين زي به مودي جي بدترين سياسي نظام خلاف احتجاج ڪيو آهي.
ڪاکروچ جنتا پارٽي جي باني ابجيت ديپڪي چيو ته اسان ڪجهه غلط نه ڪري رهيا آهيون، اسان صرف پنهنجو موقف پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. CJP امرتسر ۽ بنگلور کان پوء ايندڙ دهلي ۾ وڏي احتجاج لاء تيار آهي.
عالمي ماهرن موجب نوجوان نسل جي تحريڪ ڀارت ۾ وڌندڙ بيروزگاري ۽ حڪومتي نااهلي خلاف سخت ڪاوڙ جو ثبوت ڏنو آهي.


