تهران:
ايراني ميڊيا موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل تازي معاهدي کانپوءِ ايران پنهنجي مستقبل جي موقف ۽ ڳالهين جي حڪمت عملي بابت اهم نقطا واضح ڪري ڇڏيا آهن.
ايراني ميڊيا رپورٽ موجب ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو آهي ته تهران جمعي کان ان نئين معاهدي تحت پنهنجي ذميوارين تي عمل شروع ڪندو پر حتمي معاهدي لاءِ ڳالهين جو ايندڙ مرحلو ڪجهه شرطن سان مشروط هوندو.
هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ حتمي ڊيل تي ڳالهيون 60 ڏينهن تائين جاري رهنديون، جنهن ۾ خاص ڌيان پابنديون هٽائڻ ۽ معاشي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ تي هوندو.
ايران جي نائب پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته ايران ان وقت تائين حتمي ڳالهين جي ايندڙ مرحلي ۾ داخل نه ٿيندو جيستائين ان جا منجمد اثاثا بحال نه ڪيا وڃن، آمريڪا جون پابنديون هٽايون وڃن ۽ جنگ جي خاتمي جو باضابطه اعلان نه ڪيو وڃي.
ٻئي طرف ايراني اختيارين موجب اڄ رات کان جنگ جي خاتمي جو اعلان متوقع آهي، جڏهن ته لبنان ۾ مختلف محاذن تي فوجي سرگرميون فوري ۽ مستقل طور ختم ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.
تسنيم نيوز ايجنسي موجب ايراني اختيارين ان پيش رفت تي جلد باضابطا جواب ڏيندو ۽ امڪان آهي ته هو ايندڙ ڪجهه منٽن ۾ ان حوالي سان تفصيلي بيان جاري ڪندا.


