ڪويت شهريت جي جائزي بابت جاري مهم جي حصي طور 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي شهريت منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڪويتي ميڊيا جي رپورٽن موجب مجموعي طور تي 2192 ماڻهن جي ڪويت جي شهريت رد ڪئي وئي آهي. اهو فيصلو ڪويت جي سرڪاري گزٽ ۾ به باضابطه طور شايع ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ اهو فيصلو عمل ۾ آيو.
رپورٽن مطابق ڪويت ۾ گذريل ٻن سالن کان شهريت جي جائزي جي مهم هلي رهي آهي، جنهن تحت شهريت جي عمل ۽ قانوني حيثيت جو ٻيهر جائزو ورتو پيو وڃي. ان مهم دوران هزارين ماڻهن جي شهريت رد ڪئي وئي آهي.
سرڪاري انگن اکرن موجب رڳو سال 2025 دوران 50 هزار ڪويتي شهريتون رد ڪيون ويون، جڏهن ته تازي ڪارروائي کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌيڪ وڌي ويو آهي.
ڪويتي اختيارين جو چوڻ آهي ته شهريت جي منسوخي ملڪ جي قانونن ۽ ضابطن موجب ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته نقادن جو چوڻ آهي ته ان مهم جا سماجي ۽ انساني نتيجا ڀوڳڻا پيا آهن.
ڪويت ۾ جاري هن مهم کي علائقي جي سڀ کان وڏي شهريت جي نظرثاني مهم قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن کي مقامي ۽ عالمي سطح تي مسلسل توجه ملي رهي آهي.


