صدر سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽسن جي روس جي دوري جي منظوري ڏني

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

صدر سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽسن جي روس جي دوري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ايڪسپريس نيوز موجب صدر آصف علي زرداري 14هين سينٽ پيٽرزبرگ انٽرنيشنل ليگل فورم ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس ۽ وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي شرڪت جي حوالي سان وزيراعظم جي مشوري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

منظوري کانپوءِ چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ وفاقي آئيني عدالت جا چيف جسٽس روس جي شهر سينٽ پيٽرزبرگ ۾ منعقد ٿيندڙ 14هين سينٽ پيٽرزبرگ انٽرنيشنل ليگل فورم ۾ شرڪت ڪندا.

انٽرنيشنل ليگل فورم 24 کان 26 جون 2026 تائين روس جي شهر سينٽ پيٽرزبرگ ۾ منعقد ٿيندو، جنهن ۾ مختلف ملڪن جي اعليٰ عدالتي، قانوني ۽ پاليسي ساز شخصيتن جي شرڪت جو امڪان آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment