اسلام آباد مفاهمتي ياداشت؛ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون سڀاڻي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿينديون، پرڏيهي وزارت جو اعلان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اسلام آباد مفاهمتي ياداشت تي عملدرآمد بابت آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽيڪنيڪل سطح جون ڳالهيون پاڪستان جي ثالثي ۾ سڀاڻي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿينديون. پرڏيهي وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحن کانپوءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽيڪنيڪل سطح جون ڳالهيون 21 جون تي سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ ٿينديون. هن چيو ته ڳالهين ۾ آمريڪا ۽ ايران جا نمائندا شرڪت ڪندا، پاڪستان ۽ قطر جا نمائندا به ڳالهين ۾ شرڪت ڪندا جيڪي ثالث جو ڪردار ادا ڪندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ثالث جي حيثيت سان ان عمل ۾ سهولت فراهم ڪندو رهندو ته جيئن اسلام آباد ۾ ٿيل مفاهمتي ياداشتن تي طئي ٿيل مفاهمت کي اڳتي وڌائي سگهجي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي اڳڀرائي ٿي سگهي. ترجمان چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ تعميري سفارتي ڪوششون جاري رکندو. ٻئي طرف ايران آمريڪا ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي تهران پهچي ويو آهي، جتي هن ايراني پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪري معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment