ڪراچي: مبينا تشدد جو ڪوڙو ڪيس، عدالت جاچ آفيسر سميت 9 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



سٽي ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت مبينا تشدد ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر سميت 9 ڄڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ايس ايڇ او بوٽ بيسن کي جاچ آفيسر نعيم احمد، نسيم محمد خان، شهباز، رضوان، اڳوڻي زال عاليه، اني، ثروت، ندا ۽ فرحت سميت نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل سيمراز ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته سندس موکل ذيشان خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته نامزد جوابدار سندس گهرواري جي گهر ۾ داخل ٿي مٿس تشدد ڪيو، سي سي ٽي وي فوٽيجز هجڻ باوجود پوليس مقتول خلاف ڪيس داخل ڪيو. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جاچ آفيسر نعيم احمد ڪيترائي ڀيرا طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيو، جڏهن ته سندس پگهار روڪڻ جي عدالتي حڪمن تي عمل ناهي ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته سندس موکل خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ته جيئن دٻاءُ وڌو وڃي ۽ سندس مرضي موجب ٺاهه ڪرايو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جاچ آفيسر سميت سمورن نامزد جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 2 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment